ديال آشا

ديال ’آشا‘: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ديال ڪي ڌميجا آشا 1936ع ۾ خيرپورميرس ۾ ڄائو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان مهاراشٽرا (انڊيا) لڏي ويو، جتي هن تعليم حاصل ڪئي. الهاس نگر (مهاراشٽرا) ۾ چندي ڀائي منسکاڻي ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو انچارج ٿيو. شاعري، ڊرامي، سوانح ۽ تنقيدنگاريءَ تي ڪيترا ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ (1) ’پشپ پنکڙيون‘ ۽ (2) ’لال بهادر شاستري‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ديال آشا، ڪتاب Kalidasa’s Vikranorvasiyan جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آهي. هن جو هڪ ڪتاب ’ڀارت جا گيت‘ آهي، جنهن ۾ 113 صوفي فقيرن جو احوال ۽ ڪـلام شـامـل آهي. ان کان سواءِ سنـدس هـيٺـيـان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’سنڌي شاعري جي تاريخ‘ (1984ع)، (2) ’مرڪندڙ مکڙيون‘ (1974ع)، (3) ’داد درشن‘ (ساڌو ٽي.ايل واسواڻيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب: 1972ع) وغيره. هن ٻارن لاءِ مختلف عنوانن تي سندن نفسياتي سوچ مطابق شاعري به ڪئي آهي.


لفظ ديال آشاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو